سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تازو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنهنجي ڪم ڪار جاري رکڻ واري فيصلي کانپو پنهنجي ڪم جو آغاز گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحان 2019 جا حتمي نتيجا پڌرا ڪرڻ سان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ 275 اميدوارن کي 16هين ۽ 17هين گريڊ جي پوسٽ ۾ پاس ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل لسٽ ۾ ڊي ايس پي، مختيارڪار، اي ٽي او، ايڊمنسٽريشن سميت مختلف گزيٽيڊ پوسٽون شامل ڪيون ويون آهن. نتيجن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڄاڻايو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت طرفان 17هين ۽ 16هين گريڊ جي 152 پوسٽن تي مقرين لا امتحان ورتو ويو. امتحان ۾ 14 سئو 85 ڄڻن لکت جو امتحان ڏنو، جنهن ۾ 299 ڄڻا پاس ٿيا. جڏهن ته زباني امتحان ۾ رڳو 275 ڄڻا پاس ٿيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close