ميرپورخاص ۾ ڪنري ميمڻ جي رهواسي ڳوٺاڻي پرتاب ڪولهي بااثر شخص جي ڏاڍ خلاف احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته مزوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان ٿو، ڪريانا دڪان مالڪ سريش ۽ سورج لوھاڻو وٽ 3 ھزار مھيني جي حساب سان 20 مھينن جي ڪميٽي رکي، پوري رقم جمع ڪرائڻ بعد بااثرن ڪميٽي جا پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مون غريب مسڪين ماڻهو لا 60 هزار وڏي رقم آھي. اهڙي شڪايت ڪنري ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي، خوف سبب مزدوري ڪرڻ نٿو وڃي سگهان. متاثر آ جي سنڌ، ڊي آ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ڪميٽي جي رقم واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close