جاتي ۾ گورنمينٽ ها اسڪول جو ڪم ڏيڍ سال کان رولڙي جو شڪار آهي، اسڪول جي ڪمرن جون دريون نه هجڻ ڪري شاگرد سخت سي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. ان ڏس ۾ ھيڊ ماستر پيار علي خواجه، استاد دوست محمد ٿھيم، محمد عمر، خليفو اڪبر ڪنڀار، حاجي مولابخش ٿھيم ۽ شاگردن صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته اپ گريڊ ھا اسڪول جاتي جو ڪم ڏيڍ سال کان رولڙي ۾ آهي پر ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي. اسڪول جي ڪمرن جون دريون ناھن، شاگرد سخت سي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن. ڪلاسن جون در دريون نه ھجڻ ڪري استاد ۽ شاگرد ٿڌ زڪام ۽ بخار سبب بيمار ٿي پيا آھن. ھنن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ جي لاڳت سان ھلندڙ مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي. معياري ڪم نه ٿيڻ ڪري ڇت سيمو ڪري رھي آھي. ديوارون به اڌ کان کنيون ويون آھن، جيڪي ڪمزور آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close