ٽنڊوڄام پوليس سنڌ زرعي يونيورسٽي جي 120 اڻڄاتل شاگردن خلاف ملڪ خلاف نعرا هڻڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي اي ايس آ نواز علي سپيو جي فرياد تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لڳ ڀڳ 120 نامعلوم شاگردن ريلي جي صورت ۾ ملڪ مخالف نعرا لکيل بينر هٿن ۾ کڻي ملڪ مخالف ۽ علحيدگي پسند اڳواڻن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، جن کي ڏسي سڃاڻينداسين. فرياد موجب پوليس جي مخبر موجب اهي سڀ جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جسمم جا ڪارڪن هئا. ياد رهي ته 2 ڏينھن اڳ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن يونيورسٽي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close