مٺي: پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ضلعي صدر انجنيئر گيانچند جي صدارت هيٺ ٿاهراڻي هائوس مٺي تي ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي ۾ يوسي ۽ ديهه سطح تائين تنظيم سازي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ارباب گروپ پاران بناجواز ضلعي جي روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته ٿر ۾ هاڻ ارباب گروپ جي سياست ختم ٿي چڪي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو ڪو وجود ناهي، تحريڪ انصاف ۽ ارباب گروپ وارا پنهنجي سياسي جياپي لا آخري ڇڙيون هڻي رهيا آهن، ٻن ڏينهن جو ڌرڻو بنا نتيجي جي ختم ڪرڻ مان ثابت ٿي ويو ته ڌرڻي هڻڻ جو مقصد سياست چمڪائڻ ۽ عوام کي تڪليف ڏيڻ کانسوا ڪجهه نه هو، ڌرڻي جي خاتمي سان ارباب گروپ جي سياست جي مڪمل خاتمي جو اعلان ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ پ پ پ پاران مهانگائي، پئٽرول، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪندي 17 ڊسمبر تي ضلعي هيڊڪوارٽر مٺي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس کي انجنيئر گياچند، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي، دوست محمد راهمون، ڪامريڊ نندلال مالهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ پ پ مضبوط ۽ سگهاري آهي، ٿر ۾ پ پ کي هاڻ ڪابه طاقت شڪست ڏئي نٿي سگهي، ٿر مان پ پ مخالفن جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close