پاڪستانسنڌ

نئون ديرو ويجهو هڪ ئي ڏينهن ڦر جون 2 وارداتون، پوليس خاموش

ڳڙھي خدا بخش ڀٽو وٽ سکر با پاس تي نئون ديرو موٽر سائيڪل تي ايندي لاڙڪاڻي جي صحافي احسان جوڻيجو ۽ سجاد جوڻيجو کان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند 35 ھزار روڪ، 3 موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا. ڳڙھي خدابخش ڀٽو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي. نئون ديرو جي صحافين لطيف سولنگي، رحمت موريو، رشيد ابڙو، رحمت ڀٽو، نور سومرو، عبدالقادر اوڍو، سليم سولنگي، اياز چنا، صمد جمال ۽ ٻين صحافي احسان جوڻيجو کان ڦر جي مذمت ڪندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪري موبائيل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي. ٻئي طرف سعدو ديرو لاڙي وٽ نئون ديرو واسي امان الله مڱريو کان هٿياربند 125 موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي ويا. هڪ ھفتي دوران 10 شھرين جون موٽر سائيڪلون ڦر ٿي چڪيون آهن پوليس اين سي داخل ڪرڻ بعد ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button