فريدآباد: فريدآباد ۾ سولر پليٽون چوري ٿيڻ خلاف رجب علي خاصخيلي، ضمير حسين خاصخيلي، ڪي ڪي خاصخيلي، سماجي اڳواڻ امين بروھي، اڪبر چانڊيو ۽ عبدالحميد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاھرين چيو ته پورهيت جو دڪان ٿاڻي آڏو آهي، پر پو به ان جون پليٽون چوري ٿي ويون آهن، بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي. ھنن آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو عرفان سمون کان گھر ڪئي ته چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڪرايون وڃن. ٻئي پاسي بدامني خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن ۽ مستري يونين پاران اڄ فريدآباد پل تي ڌرڻي جو علان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close