چيلهار: ٿر جي مشھور ترائي راڻاسر تي انتظاميا ڪي به سهولتون نه ڏئي سگهي، گهمڻ آيل سياح پريشان ٿي ويا. ان سلسلي ۾ چيلھار شھر ويجھو مشھور راڻاسر ترائي تي ضلعي انتظاميا ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي، جنهن سبب سياح پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. مٺي-عمرڪوٽ مين روڊ کان صرف اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي راڻاسر ترائي ھجڻ باوجود روڊ نه ٺاهيو ويو آهي، برساتن بعد گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي پوڻ معمول بڻجي ويو آهي. رهواسين چيو ته ترائي تفريح ماڳ آهي، ان باوجود انتظاميا سياحن لا ڪا به سهولت ناهي ڏني. هنن گهر ڪئي ته ترائي راڻاسر تي روڊ سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close