پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي نواز ليگ جي 18 ايم پي ايز کي معطل ڪري ايوان ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، معطل ڪيل ليگي ميمبر ايندڙ 15 اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، مٿن گذريل ڇنڇر تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو الزام آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق جن ميمبرن تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن ۾ ميان عبدالرئوف، سميع الله خان، ملڪ محمد وحيد، عظميٰ بخاري، صبا صادق، راحيلا خادم حسين، ربيعا نصرت، رابعا فاروقي، زيب النسا اعواڻ، ذيشان رفيق، ڪنول لياقت ايڊووڪيٽ، گلناز شهزادي، نفيسا امين، محمد افضل، عادل بخش، سعديا نديم، راحت افزا ۽ سنبل مالڪ حسين شامل آهن. اسپيڪر موجب جڏهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار عمران خان کي نااهل ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي ته ن ليگي ميمبرن اسپيڪر ڊائيس اڳيان گوڙ ڪري ايوان جو ماحول خراب ڪيو، اسيمبلي سيڪريٽري ان سلسلي ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگي ايم پي ايز کي ايوان جي ٻين ميمبرن جي شڪايت تي معطل ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close