اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ مائي وزيران منگي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي. جڏهن ته اسد منگي ۽ حفيظ منگي زخمي ٿي پيا. اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو. زخمين کي علاج لا رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو. ٻي طرف فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close