اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گذريل حڪومت ۾ پٽ سٽ ڪري گذارو ڪيو هو، جيڪڏهن معيشت جي صحيح نموني بحالي چاهيو ٿا ته عمران خان کي ڳرو مينڊيٽ ڏيڻو پوندو، وڏي اڪثريت سان کٽي آيو ته پو پاڪستان کي ڪنهن سهاري يا لٺ جي ضروري نه پوندي. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان حڪومت ۾ رهي نيڪ نيتي سان عوام جي خدمت ڪئي، پي ڊي ايم حڪومت اسان کي مهانگائي جو طعو ڏيندي هئي، اهو ٻڌايو وڃي ته گذريل 7 مهينن ۾ مهانگائي گهٽجي آهي يا وڌي رهي آهي، اڄ بصر، ٽماٽن ۽ اٽي جا اگهه ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا آهن، اسان جي دور ۾ ملڪ جون صنعتون هلي رهيون هيون اڄ سڀئي صنعتون بند ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن هنن جي ڪارڪردگي ايتري سٺي آهي ته پو اليڪشن کان ڇو ڀڄي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close