اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پيپلز پارٽي کي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو باضابطا اعلان ڪيو. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته آئون پ پ پ لا نيڪ تمنائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. واضح رهي ته مصطفيٰ نواز کوکر 2018ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ مان سينيٽر چونڊيو ويو هو ۽ هن گذريل مهيني 10 نومبر تي سينيٽر طور پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي. ان کان اڳ پ پ قيادت طرفان مصطفيٰ نواز کوکر کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close