ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن شاهه لطيف گيٽ آڏو مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي باغي حبيب ڪالرو ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ضلعي جي اسپتال آهي، جنهن ۾ مريضن لا ڪابه سهولت ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنڊو ٿو لڳي ته ان کي به حيدرآباد ريفر ڪيو ٿو وڃي، ڪروڙن جي بجيٽ هجڻ باوجود سول اسپتال ۾ ٻه نمبر دوائون ڏنيون ٿيون وڃن، اسپتال ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪري مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close