اسلام آباد :سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان وڌيڪ تيز ٿي ويو، اٽو به غريب جي وٺڻ کان چڙهي ويو آهي. مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اٽي جي اگهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مهانگائي جي عذاب کي منهن ڏيندڙ غريب ماڻهو وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي ويا آهن. جڏهن ته سرڪار مسلسل ڪن لاٽار ڪندي لاتعلق بڻيل آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لا ڪنهن به قسم جو ڪو نوٽيس نه ورتو نه ئي ڪو تدارڪ ڪيو آهي. ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ اٽي جي قيمت ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. هن وقت 20 ڪلو اٽو 2 هزار 500 رپين سان تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب تازي هفتي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 100 رپين تائين وڌيڪ مهانگي ٿي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۾ في ڪلو اٽو 125 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي قيمت اسلام آباد ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ تقريبن 100 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ نوٽ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ترتيب وار 2 هزار 500، 2 هزار 420 ۽ 2 هزار 320 رپين جي ٿي وئي آهي. اهڙي ريت بنون، پشاور، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ ترتيب وار 40 رپيا، 70 رپيا، 50 رپيا ۽ 40 رپيا واڌ ٿي. هوڏانهن اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1295 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. هوڏانهن جي شهرين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اٽو مهانگو وڪرو ڪندڙ چڪي مالڪن ۽ واپارين خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري عوام کي رليف مهيا ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close