ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار لڳ نندو موري جي رهواسي ماڇي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 55 ماڻهن کي پنجاب ۾ واپاري پاران يرغمال بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. يرغمال بڻايل ماڻهن جي وارث عورتن ۽ مردن پورهيتن جي بازيابي لا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پيربخش ماڇي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هڻندي چيو ته ٽنڊوالهيار شهر جي نصرپور روڊ واسي غلام حسين منهنجي ڀا ۽ سئوٽن جي گهرڀاتين کي ڪمائڻ لا پنجاب وٺي ويو، جتي غلام حسين آرائين پنجاب جي واپاري کان 10 لک رپيا وٺي گهرڀاتين کي وڪرو ڪري ڇڏيو، پنجابي واپاري اسان جي ڀائرن، عورتن ۽ معصوم ٻارن کي هٿيارن جي زور تي تشدد ڪري پورهيو ڪرائي رهيا آهن، پنجاب ۾ گهرڀاتي وڏي تڪليف ۾ آهن. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي ماڻهن کي پنجابي واپاري کان آزاد ڪرائي ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close