پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ بعد نوجوانن پاران سستي ماني جو اسٽال قائم

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ قائمخاني يوٿ ويلفيئر جي نوجوانن ٽنڊو غلام علي روڊ تي سستي اگهھ تي ماني فراهم ڪرڻ لا اسٽال لڳايو ويو، جتان شھر توڙي ٻهراڙي جي مختلف علائقن کان ماڻهو پهچي 7 رپين ۾ في ماني خريد ڪري وڃن ٿا. گذريل ڇهن ڏينهن کان لڳل اسٽال تي ماڻهن جي زبردست رش آهي. ان سلسلي ۾ وهاب آصف قائمخاني ۽ سندس ٽيم ۾ شامل نوجوانن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ اٽي جا اگهھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو ۽ مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لا پريشان آهي، ان ڪري اسان سستي اگھه تي ماني وڪرو ڪيون پيا. هنن سرندي کي اپيل ڪئي ته مالي سهڪار ڪن ته جيئن هن اسٽال کي اڃان وڌائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button