ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ اي سي چڪين ۽ فلور ملز تي ڇاپا هڻي غير معياري اٽو وڪرو ڪرڻ تي 50-50 هزار رپيا ڏنڊ هنيو. غير معياري آئل وڪرو ڪرڻ تي ٻن دڪانن کي سيل پڻ ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ حڪومت پاران اٽي جي چڪين مالڪن کي 105 رپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص محمد حسن کوسو شهر جي مختلف علائقن جرواري شاخ، هاشم نگر، مغل اعظم ٽائون ۽ انڊسٽريل ايريا ۾ اٽي جي چڪين، چنديجه فلور مل، همزه ۽ سنڌڙي فلور ملز تي ڇاپا هنيا، جتان غير معياري اٽو هٿ اچڻ تي مٿن 50-50 هزار رپيا ڏنڊ هنيو ويو. اهڙي طرح اٽي جي چڪين تي 130 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪندڙ چڪي مالڪن تي پڻ ڏنڊ هنيو ويو. بعد اي سي ٻن ڪريانه اسٽورن تي پڻ ڇاپا هڻي غير معياري آئل وڪرو ڪرڻ تي مٿن ڏنڊ هڻي دڪان سيل ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص محمد حسن کوسو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ڏنل هدايتن تي عمل نه ڪندڙ اٽي جي چڪين ۽ فلور ملز مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي سستي اٽي جو رليف ڏياري سگهون. ٻئي طرف ميرپورخاص جي مختلف علائقن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ فوڊ کاتي پاران سستي اٽي جي لڳايل اسٽالن تي اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو اسٽالن تي دربدر ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close