تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ٻن ڏينهن اندر ملڪ جي قرضن ۾ ساڍا 4 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي، هاڻي مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان ايندو. اسد عمر سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو قدر 24 رپيا گهٽجي ويو آهي، ڊالر مٿي وڃڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، هي ٻن ڏينهن ۾ ساڍا 4 کرب جو قرض وڌائي چڪا آهن ۽ هيل تائين ملڪ تي 11 کان 12 کرب رپين جو قرض چڙهي چڪو آهي، جڏهن ته پيٽرول سميت جيڪا به شي انهن جي ور چڙهندي هي ان جا اگهه وڌائي ڇڏيندا. شوڪت ترين چيو ته مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان اچڻ وارو آهي، هاڻي کاڌي پيتي جي شين ۽ بجلي جا اگهه وڌندا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيندو، هي وڌيڪ ٽيڪس لڳائيندا ۽ عوام تي وڌيڪ بار پوندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ 17 سالن اندر سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ 21 سيڪڙو ٽيڪس وڌڻ سان روينيو ۾ به اضافو ٿيو ۽ مهانگائي 4 سيڪڙو تي هئي، اسان کي 40 مهينا ڏنا ويا ۽ اسان پرفارم ڪري ڏيکاريو. هاڻوڪي کڏي مان نڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close