خیيرپور: خيرپور جي علائقي لقمان جي عباسي پاڙي جي رهواسي نوجوان ساجد پٽ نور محمد عباسي بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهھ ڏئي ڇڏي، جنهن کان پو نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس گمس اسپتال ريفر ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو آھي. ان حوالي سان وارثن ٻڌايو ته ساجد مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب پريشان رھندو ھو، جنهن ڪري هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close