جيل ڀريو تحريڪ دوران گرفتاري ڏيندڙ پي ٽي آ جي سينيئر اڳواڻن ۾ جيل اندر بحث ۽ جهيڙو ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم سواتي جيل ڀريو تحريڪ جي پهرئين ڏينهن هڪٻئي تي گرفتاري جا الزام لڳائيندا رهيا. سڌ سما بابت پنجاب جي نگران وزير عامر مير دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه محمود، اسد عمر ۽ اعظم سواتي ڪوٽ لکپت جيل اندر پهرين رات ئي وڙهي پيا، جنهن سبب کين الڳ الڳ جيل ۾ رکيو ويو، پي ٽي آ جا ٽئي اڳواڻ هڪٻئي کي گرفتاري جو ذميوار قرار ڏيندا رهيا. عامر مير مطابق شاهه محمود قريشي جيل ۾ چيو ته هو سي سي پي او لاهور جي آفيس چانهه پيئڻ لا وڃي رهيو هو ته پنجاب پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close