بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ ايراني سرزمين تان دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن پاڪ- ايران سرحد وٽ جلگئي سيڪٽر تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن ۾ نائيڪ شير احمد، لانس نائيڪ محمد اصغر، سپاهي محمد عرفان ۽ عبدالرشيد شامل آهن. آءِ يس پي آر موجب دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪاروائي لاءِ ايران جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو پيو وڃي، مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪڻ لا ايران سان معاملا بحث هيٺ آندا ويندا. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله پاڪ- ايران سرحد تي سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وطن جي حفاظت لا پنهنجا سر گهوريندڙ جوانن کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، انشا الله هن ناسور جي پاڙ پٽينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close