ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ ويڪسينٽرن جا مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ليڊي هيلٿ ورڪرن ارڙي ۽ روبيلا خلاف وئڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪري تعلقي اسپتال اڳيان صغرى خاصخيلي، ليڊي هيلٿ سپروائيزر جنت قبمراڻي، بچان دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سنڌ جا 336 ويڪسينيٽر پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لا مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت سندن مسئلا حل نٿي ڪري. هنن چيو ته ڪرونا کان بچا جي وئڪسين ۽ پوليو مهم سميت انساني جانيون بچائڻ لا ويڪسينيٽر ۽ هيلٿ ورڪرز سدائين ميدان عمل ۾ هوندا آهن، پر کين پنهنجا جائز حق نٿا ڏنا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close