حيدرآباد: حيدرآباد سٽي ۾ واقع گورمينٽ لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ هيڊماستر پريم چند جي صدارت هيٺ استادن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نديم فتح، شمس العارفين، شاهد، شوڪت، ڪشور، زوهيب، گڊو ڀائي، منور، ڪيلاش، حمادالحسن، عبدالله ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي هيڊماستر پريم چند چيو ته اسڪول ۾ بهترين نموني سان امتحان ورتا ويا آهن ۽ استادن جي محنت سبب شاگردن جي تعليم ۾ بهتري آئي آهي، پر اسان کي شاگردن جي قابليت ۽ تعليمي صلاحيت وڌائڻ لا وڌيڪ توجه ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نئين داخلا لا اسان هن وقت کان ئي ڊسپلي ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي آهي ته جئين جيڪي به والدين ٻارن جي داخلا لا ايندا، انهن کي ڊسپلي ڊيسڪ ذريعي مقرر ڪيل استاد بهترين طريقي سان اعتماد ۾ وٺندا ۽ ٻارن جي داخلا ڪندا. هن چيو ته اسڪول ۾ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي، لوڊشيڊنگ دوران ڪجهه ڪلاسن ۾ بجلي جو متبادل بندوبست ڪيو آهي، جلد رهيل ڪلاسن ۾ به بندوبست ڪيو ويندو ۽ استادن طرفان پي ايم سي ايپ هلائڻ لا جلد اسڪول ۾ وائي فائيو لڳرائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close