ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي: ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي پوليس ايم پي او آرڊيننس 1960 تحت گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ نصراللہ گڏاڻي جي ڀا محمد بخش ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات ڀا کي ايس ايس پي گهوٽڪي پاڻ وٽ گهرائي حيدرآباد پوليس حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن نصرالله گڏاڻي جي گرفتاري بعد آ جي پوليس غلام نبي ميمڻ پاران گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي لکيل خط به سامهون اچي ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي ماڻهن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ لا اڪسائي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ڄاڻايل آرڊيننس تحت هڪ مهيني لا گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد پوليس صحافي کي هڪ مهيني لا حيدرآباد سينٽرل جيل حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ نديم ملاڻو، شاهد لغاري، شهريار مرڻاس ۽ بخت مرڻاس جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close