ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ڪڻڪ جو هدف پورو ڪرڻ لا اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانهيو ۽ فوڊ کاتي جي عملدارن مير ڪامران ٽالپر، جواد ميمڻ، عرفان کهاوڙ ۽ سلطان کوسو جي اڳواڻي ۾ چنديجا فلورمل ۽ سنڌڙي فلور مل تي ڳجهي اطلاع تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران چنديجا فلور مل مان 3000 ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ سنڌڙي مان 2500 ٻوريون هٿ ڪري ٻنهي ملز کي سيل ڪيو ويو. ان موقعي تي اي سي غلام حسين ڪانهيو ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو آھي، وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ موجود ھئي. سنڌڙي ۽ چنديجا فلور ملون ڪيتري ئي عرصي کان بند آهن، ملن مان هٿ ڪيل ڪڻڪ ضبط ڪئي وئي آهي، جيڪا سرڪاري گدامن تي جمع ڪرائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close