ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت جي پورهيت ٻن ڀائرن منور ناريجو ۽ جهانگير ناريجو پنهنجي ڀيڻ ناهيد ناريجو سان گڏ پاڪتاب کڻي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هنن روئيندي دانهيو ته پيءُ جي مورثي مليڪيت تي بااثر مائٽ ۽ چاچا سرفراز ناريجو، احمد ۽ نجيب ناريجو سالن کان قبضو ڪري ويٺا آهن، حق گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، قبرستان ڀرسان پي جي نالي پلاٽ آهي، جيڪو پڻ نه پيو ڏنو وڃي، بااثر مائٽ شهر جي ڪجهه سياسي ۽ سماجي ماڻهن کي اڳيان آڻي قبرستان تي قبضي جو الزام لڳرائي اسان پورهيتن مٿان پي جي ملڪيت تي قبضي جو ڪوڙو الزام لڳائي ڪوڙا احتجاج ڪرائي حراسان ڪري رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ روينيو کاتي جي اعلى آفيسرن کان معاملي جو نوٽيس وٺي حق ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close