اسلام آباد :سپريم ڪورٽ بينڪن مان 54 ارب رپين جا قرض کڻي معاف ڪرائيندڙ 222 ماڻهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس شنوائي لا مقرر ڪري ڇڏيو. ايڪسپريس نيوز موجب جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 54 ارب رپين جي قرض معافي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي شنوائي 7 جون تي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن. سپريم ڪورٽ ان حوالي سان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 2007 ۾ بينڪن جا قرض معاف ڪرائيندڙ 222 ماڻهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close