حيدرآباد: حيدآباد شهر انتظامي نااهلي سبب گندگي جو ڍير بڻجي ويو. گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيهڻ سبب روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا. ڊرينيج نظام به ناڪاره هجڻ سبب شهري مصيبت ۾ اچي ويا آهن. رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ بلدياتي نظام اچڻ باوجود صفائي وارو نظام درهم برهم آهي. محرم جي پوري ڏهاري ۾ انتظاميا اڪثر علائقن ۾ صفائي نه ڪرائي سگهي. گند ڪچري، مڇرن ۽ ڌپ سبب بيماريون وڌي ويون. گٽرن جو پاڻي به اڪثر روڊن تي بيٺل هجڻ معمول بڻيل آهي. ڪيترن ئي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڊرينيج نظام سالن کان ناڪاره هجڻ سبب رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن. قاسم آباد جي اڪثر ئي علائقن ۾ گٽرن جو پاڻي بيٺل رهي ٿو. ميونسپل ۽ سنڌ سالٽ ويسٽ مئنجمينٽ جي ملازمن باوجود ڪيترن ئي پاڙن، ڪالونين ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، نسيم نگر، علي پيلس، شيدي ڳوٺ، عملدار چوڪ، هيپي هومز، سٽيزن ڪالوني، ڀٽائي ٽائون، وحدت ڪالوني، انور ولاز ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ گندگي جو آزار آهي. گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب اڪثر روڊ اکڙي ويا آهن، پر انتظاميا صفائي جو بهتر نظام جوڙڻ لا اڄ تائين ڪا حڪمت عملي يا طريقيڪار جوڙي نه سگهي آهي، جنهن سبب شهري آزار ۾ آهن. تازو برساتن بعد شهر جا اڪثر روڊ اکڙي ويا آهن، روڊن ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، شهباز بلڊنگ کان لطيف آباد ويندڙ روڊ جي وچ ۾ هڪ وڏو ٽڪرو اکڙيل آهي، جنهن جي مرمت لا ڊي سي توڙي ٻين ڪامورن ڪو نوٽيس ناهي کنيو. سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين سنڌ سرڪار ۽ حيدرآباد جي ميئر کان گهر ڪئي ته صفائي جو بهتر نظام جوڙي روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ ڊرينيج نظام کي فعال بڻائي شهر جي خوبصورتي لا ڪم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close