تازو بين الاقوامي ميڊيا پاڪستان جي ڳوٺ جي واکاڻ ڪئي آھي ۽ ملڪي ميڊيا پڻ انھيءَ حوالي سان مکيه خبرون ڇاپيون آھن. ھونئن به ڏسجي ته مشھور بين الاقوامي ميڊيا ڪنھن ٻئي ملڪ جي واکاڻ ۾ خبرون ڏيندي آھي ته انھيءَ ۾ گهڻي حد تائين سچائي به سمايل ھوندي آھي پر اسان جي پياريَ پاڪستان جو داستان ئي نرالو آھي.
ھاڻي اچو ته بين الاقوامي پياري ۽ سھڻي ڳوٺ جا تفصيل پڙھون. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب، جيڪڏھن پاڪستان جي ڪنھن ڳوٺ جو ڪردار ايڏو عاليشان ھجي جو دنيا واکاڻ ڪري ته پوءِ اسان سنڌ واسين کي به گهرجي ته انھيءَ ڳوٺ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو ڳُوڙھو جائزو وٺون ۽ ڀروسي جوڳي ھئڻ جي صورت ۾، اھڙي سھڻي ڪارڪردگي پاڻ به اختيار ڪريون ته انھيءَ ۾ اسان جي سنڌ ۽ انھن جي ڪروڙن رھاڪن جي ڀلائي به سمايل ھوندي. اھي ڪي معمولي ڳالھيون ڪونھن، اسان جي سنڌ جي ڀلائيءَ جي دائمي سوچ رکندڙ انھيءَ مثال کي پنھنجو سمجهن ۽ پھرين مرحلي ۾ ئي، سنڌ جي سڀني ڳوٺن سان لاڳو ڪرڻ جي نيڪ نيتيءَ سان ذاتي طور ڪوششون ڪن تہ وه واه.
ھاڻ اصل موضوع تي ٿا اچون: مون خبر جي ھيڊنگ پڙھي، سا ھئي:”پاڪستان جو اھو ڳوٺ جيڪو سڄي دنيا ۾ ماڊل ھئڻ جي حيثيت رکي ٿو”. وڌيڪ ڄاڻايل آھي ته پنجاب جي اتر اولھه جو ننڍڙو ڳوٺ رسول پور سڄي دنيا ۾ مشھور آھي، اتان جي عورتن سميت، ڪل سو سيڪڙو يعني سڀ ڳوٺاڻا پڙھيل لکيل آھن. چون ٿا ته اتي ڏوهه بلڪل ٻڙي آھن يعني ڏوهه بنھه ڪونه ٿا ٿين. ڳوٺاڻن جي گهڻائي، احمداڻي بلوچ 1933ـ1934ع ڌاري بلوچستان کان لڏي آيل آھي. چون ٿا ته ڳوٺ جي آبادي ٻن ھزارن کان ٽن ھزارن جي وچ ۾ پکڙيل آھي. ڳوٺ وارا ھر سال 8 سيپٽمبر تي “تعليم جو عالمي ڏينھن” به ملھائيندا آھن. ظاھري طور انھن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ اھم ڳالھه ھوندي آھي. اتان جي ڪارڪردگيءَ جو معلوماتي فوٽو ۽ خبر اناطولو ايجنسي (نيوز) خاص طور جاري ڪيا آھن، جنھن جي چواڻي ڳوٺ ۾ گذريل ھڪ سو ورھين تائين جرم جو ڪوبه ڪيس رپورٽ ناھي ٿيو.
جيڪڏھن ھڪ صديءَ دوران ڳوٺ ۾ ڪوبه جرم جو ڪيس رپورٽ ناھي ٿيو ته اھو وڏو ۽ تاريخي ڪارنامو آھي، يعني عام ڳالھه ناھي. بھرحال، ان جو مثالي ۽ جائز طريقو اسان کي به، اختيار ڪرڻ گهرجي.
خبر ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته اھو ننڍڙو پاڪستاني ڳوٺ رسول پور سڄي دنيا لاءِ تھذيب ۽ تمدن جو مثال بڻجي سگهي ٿو. 100 سيڪڙو خواندگي ۽ ٻڙي سيڪڙو جرم جي شرح سان گڏوگڏ، انھيءَ ڳوٺ ۾ ھر سال اٺين سيپٽمبر تي “تعليم جو عالمي ڏينھن” به جشن طور ملھايو ويندو آھي ۽ ماڻھو ھڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ سان گڏوگڏ تعليم جي اسڪولن جي استادن جي پختي ارادي جي واکاڻ به ڪندا رھندا آھن.
اسان وٽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي اڳ ۾ پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم بڻجڻ تيِ، سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪوٽا سسٽم کي آئيني شڪل ڏئي جاري ڪيو جنھنڪري ڳوٺن کي نوڪرين ۾ اھميت ملڻ لڳي نه ته ڪيترن سرڪاري کاتن ۾ سنڌي ايڪڙ ٻيڪڙ به ڀرتي ڪونه ٿيندا ھئا جن ۾ وفاقي اداري جو بين الاقوامي اھم ڊپارٽمنٽ پي آءِ اي به خاص طور شامل ھو. پوءِ، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن ۾ کوڙ سنڌي ڀرتي ٿيا ۽ اڳ ۾ اھو اميج ڄاڻي واڻي قائم ڪيو ويو ھو ته سنڌي نااھل آھن جيڪو غلط ثابت ٿيو.
اناطولو ايجنسيءَ سان ڳالهھ ٻولھه ڪندي، رسول پور ڳوٺ جي ترڪيءَ سان لاڳاپيل گورنمنٽ گرلز ھاءِ اسڪول جي پرنسيپال مھتاب جھانگير جو چوڻ ھو ته ٻه ورھيه اڳ، منھنجي بدلي ھتي ٿي ھئي پر مان عوام جي بھتر ذميداريءَ جي احساس تي، حيران ٿي ويس. رستن تي ڪو به ڪچرو ناھي ھوندو ۽ سڄو ڳوٺ ئي “نان سموڪنگ زون” آھي. رسول پور جي آبادي ٻن کان ٽي ھزار آھي ۽ ڳوٺاڻن جي گهڻائي احمداڻي بلوچ آھي، انهن لاآمدنيءَ جو ڪو به پختو ذريعو ڪونه ھو سو تعليم ئي انھن لاءِ زندگي گذارڻ جو ذريعو بڻجي وئي.
اھو به ڄاڻايو ويو ته انھيءَ ڳوٺ ۾ ٻه ھاءِ اسڪول ۽ ھڪ پرائمري اسڪول آھي. ھاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شاگرد ويجهي ڄام پور شھر جي ڪاليج جو رخ ڪندا آھن جيڪو ڳوٺ کان 5 ـ 6 ميل پري آھي.
مھتاب جھان جو چوڻ ھو ته منھنجي اسڪول ۾ 300 ڇوڪريون آھن ۽ لڳ ڀڳ ايترا ئي ڇوڪرا اسڪول ۾ پڙھندا آھن. اسان رڳو پنھنجو نالو لکڻ لاءِ، گڏيل قومن جي اداري جي تعليم جي واکاڻ تي ڀروسو نٿا ڪريون. ھتي ھر ماڻھوءَ کي ھاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻي پوندي آھي، نه ته بزرگ انھن کي سماج جو حصو بڻجن ڪونه ڏيندا آھن. غلط سوچ رکندڙن کي سماج جو حصو بڻجڻ نه ڏيڻ، مجموعي طور پازيٽو تبديلي آڻيندي آھي نه ته اسان وٽ سنڌ ۾ اڄڪلھه ڏوھارين کي به مڪمل پروٽيڪشن ڏنو ويندو آھي جڏھن ته گهڻو عرصو اڳ ائين ڪونه ھو.
بھرحال، پاڪستان سوشل اينڊ ليونگ اسٽينڊرڊ سروي موجب ملڪ ۾ سال 2019 ـ 20ع دوران خواندگي 60 سيڪڙو ھئي، سو رسول پور ڳوٺ ۾ 100 سيڪڙو ھجڻ ڪا معمولي ڳالھه ناھي پر اھم ڳالهھ آھي.
اسان دنيا جي مثالي ڳوٺ جو ڪالم انھيءَ ڪري به لکون ٿا ته جيئن اسان جي سنڌ جي عوام ۾ به سجاڳي پيدا ٿئي ۽ اھڙا ھڪ نه پر کوڙ مثالي ڳوٺ قائم ڪن يا وري موجود ڳوٺن کي مثالي ڳوٺن ۾ بدلائي ڇڏين جنھن ۾ سنڌ جي عوام جي ڊگهي ڀلائيءَ جو راز سمايل ھوندو. اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري به سوچڻيون پون ٿيون جو اسان جي سنڌ ۾ ھڪ اھڙو به خاص گروپ آھي جيڪي ڪيترن ورھين کان پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهه ۽ ھمدرد ھئڻ جي دعوى ڪري ٿو پر عملي طرح عمران خان سرڪار جي سنڌ سان ٽن ورھين کان لاڳيتي زيادتين تي اکر به نٿا ڪڇن، اٽلندو، عام چونڊن ۾ وڏي گهڻائيءَ سان قائم ڪيل پ پ پ جي سنڌ سرڪار ھر صورت ۾ ختم ڪرائڻ چاھين ٿا. جڏھن ته انھن وٽ اسيمبليءَ جي ھڪ به سيٽ ڪونھي.
سو ڳالھه ٿي ڪئي سون ڳوٺ رسول پور جي ذھين ماڻھن جي. بھرحال، ڄام پور جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد فاروق ڳوٺ جي اھميت تي ڳالھائيندي چيو ته اھو ڳوٺ سڄي دنيا لاءِ، پاڪستان جي حقيقي تصوير جي نمائندگي ڪري ٿو. ھتان جي ماڻھن گڏجي، ھر ھڪ لاءِ تعليم کي حاصل ڪرڻ ۽ رھائش لاءِ صاف ۽ دوستاڻي ماحول کي قائم ڪرڻ، ممڪن بڻايو آھي. صورتحال کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ انھيءَ کانسوا رسول پور ڳوٺ جي رھائشي دلاور سليم ٻڌايو ته شاگردن جي ھمت وڌائڻ ۽ سندن وڏين ڀينرن جي ڪاميابيءَ جي ڪھاڻين کي بيان ڪرڻ جو مکيه مقصد حاصل ڪرڻ جو پختو ارادو پيدا ٿيندو آھي.
منھنجي اھا ڇنڊڇاڻ آھي ته جيڪڏھن اسان سنڌ جي عوام يعني سنڌين جي نيڪ نيتيءَ سان باقاعدي ترقي چاھيون ٿا ته اسان کي ٻين جي عوام جي ڀلائيءَ وارين چڱاين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن اسان طرفان عوام جي مجموعي طور ڀلائي پيدا ٿئي. اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري به لکڻيون پيون اٿم ته مون کي پنھنجي اصلي ڳوٺ سيد حاجي ابراھيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ضلعو نوابشاهه جتي مون رڳو پرائمري جا پھريان ٽي درجا پڙھيا ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نوابشاهه شفٽ ٿي وياسين پر مون کي ڳوٺ ۾ رھڻ دوران اتان جون ڳالھيون اڄ به ائين ياد آھن، ڄڻ اھي واقعا ڪالھه ٿيا ھئا. ڳوٺ جي مالڪ حاجي سيد اسداللہ شاهه مرحوم عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڳاٽي ٽوڙ ۽ لاڳيتيون خدمتون ڪيون. اھو ڳوٺ به مثالي ھوندو ھو. ھر سال ڳوٺ ۾ وڏو ۽ ڪيترن ورھين تائين لاڳيتو ميلو لڳندو ھو جيڪو ڏاڍو مقبول ھو ۽ سڄي سنڌ ۾ ٽيون يا چوٿون نمبر وڏو ليکيو ويندو ھو. ھن پرائمري اسڪول 1942ع ڌاري کوليو جت مون به تعليم حاصل ڪئي. مون کي ياد آھي ته ڪيترا شاگرد 8 ميل ھر ڏھاڙي پنڌ ڪري پڙھڻ ايندا ھئا. انھيءَ کانسوا ڳوٺ ۾ وڏي پيماني تي باغ ۽ ٻيون سھوليتون قائم ڪيون ويون ھيون. بھرحال، عوام جي ڀلائيءَ جا وڏا ڪارناما ڪيا ويا جتي ڪو به قتل يا ڪو وڏو ڏوهه ڪونه ٿيو ھو. بھرحال، اھو ڳوٺ به رسول پور وانگيان گهڻي حد تائين مثالي ھو پر سيد حاجي اسد اللہ شاهه جي وفات کانپوءِ ڳوٺ جي ڀلائيءَ وارا ڪم گهڻو گهٽجي ويا آھن جيتوڻيڪ اتي ڏوهه اڃا به ڪونه ٿيا آھن.
جڏھن مون رسول پور جي تاريخي ڳوٺ بابت پوسٽنگ ڪئي ته ڪنھن دوست سنڌ جي ھڪ ڳوٺ جو نالو لکيو. انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته سنڌ ۾ ٻه چار ڳوٺ، رسول پور وانگيان ھوندا جيئن بڇيري ريلوي اسٽيشن ويجهو پراڻو ڳوٺ سيد ابراھيم شاهه. پر اسان جي دلي خواھش آھي ته سنڌ جا سڀئي نه ته گهڻا ڳوٺ، اھڙي ريت سڌري وڃن. جيڪڏھن ائين ٿيو ته سنڌ جو وايومنڊل يعني ماحول گهڻو بھتر ٿي ويندو، جيڪو تيزيءَ سان خراب ٿي رھيو آھي جو ڪيترا ماڻھو پنھنجن ذاتي مفاد خاطر سنڌ جي ماحول کي نيلام ڪري رھيا آھن. بھرحال، منھنجو سنڌ جي ڀلائيءَ وارا جذبا رکندڙن کي عرض آھي ته قومي ڀلائي کي اھميت ڏين ۽ سنڌ جي ڳوٺن کي خاص ڪري ڳوٺ رسول پور يا سنڌ جي پراڻي ڳوٺ سيد ابراھيم شاهه وانگيان عوام توڙي ايندڙ نسلن جي ڀلائيءَ لاءِ مثالي بڻائين ته وه واه. ائين ڪرڻ سان اسان جي سڄي سنڌ جو ڀلو ٿيندو. سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ رب سڳوري کان دعا آھي: اللہ اچن اوءِ جن آئي من سرھو ٿئي.