جنهن قسم جا اشارا ملي رهيا آهن، انهن مان نٿو لڳي ته عمران خان جي حڪومت پنجن سالن لاءِ اقتدار ۾ رهي سگهندي. عوامي سطح تي ڪاوڙ جي سونامي ته سموريون حدون پار ڪري چڪي آهي، پر هاڻ ٻيڙي کي اندران به سوراخ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن هڪ پيج جي ڳالهه ٿي رهي هئي، اهو به ڦاٽي چڪو آهي، جيڪڏهن اشارن کي درست سمجهجي ته پوءِ “نينگر اڄ نه ٻڏي، سڀاڻي ٻڏي” واري صورتحال سامهون اچي چڪي آهي. هي ڳالهه پهريان گڏيل اپوزيشن ڪئي پئي ته واڳ ڌڻين کي عمران خان جي حڪومت جي Backing بند ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوامي ڪاوڙ جو استعمال ڪندي حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري سگهجي. پر واڳ ڌڻين سمجهيو پئي ته انهن جنهن شخص جي چونڊ ڪئي آهي، سندن اهو ئي فيصلو درست آهي. نواز شريف ته پهريان ئي چيو پئي ته واڳ ڌڻي پنهنجي”سوغات” واپس وٺن. ان دوران ٽن سالن جو وقت ته گذري ويو ۽ عمران خان ۽ ان جي ٽيم اعتراف به ڪيو ته هو ان عرصي دوران صورتحال کي سمجهي رهيا هئا، هاڻ هو جيڪا حڪومت ڪندا، اها سموري دنيا ڏسندي. حڪومت جي نئين دعويٰ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي. حڪومت جي چوٿين سال دوران حالتون اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيون آهن. صرف ملڪ اندر مهانگائي جا عالمي ريڪارڊ نه ٽٽا آهن، پر عالمي سطح تي پاڪستان ساڳي انداز سان ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي جو شڪار آهي، ملڪ ۾ جتي مهانگائي جي رفتار ۾ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي، اتي سياسي هم آهنگي ۽ ڀائيچارو به ختم ٿي ويو آهي. واڳ ڌڻين جي حالت به خراب ٿي آهي ۽ ڪجهه ڀيرا ته ائين محسوس ٿيو ته شايد، واڳ ڌڻين کي جلال نه اچي وڃي ۽ سموري سويلين نظام جي تڏا ويڙهه نه ٿي وڃي. هاڻ ته مخالف ڌر به سمجهي ٿي ته گڏجي ويهڻ جو وقت اچي ويو آهي ته جيئن موجوده حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ نئين ٽرننگ پوائنٽ اچي وئي آهي. تازو ئي آمريڪي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي اڳيان بيان ڏيندي، فوج جي سربراهه چئي ڇڏيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنهن ۾ نوعيت جو تعاون ڪيو پئي، اهو ختم نه ٿيو آهي ۽ Absolutely not واري عمران خان جي ڳالهه ۾ ڪوبه وزن ناهي. بقول انهن جي ته آمريڪا، پاڪستان کان فوجي اڏا گهريا ئي نه هئا، باقي جيڪي شيون گهربل آهن، اهي موجود آهن. ان سان گڏ انهن سويلين حڪومت سان ته ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه يا معاملا طئي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر ايترو ضرور چيو ته ٻنهي ملڪن جا فوجي لاڳاپا قائم رهندا. ان سان گڏ افغانستان ۾ جن ڊرون حملن جي ڳالهه ٿي پئي، انهن کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن اهڙي شروعات ٿي ته پهريون حملو بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي تي ڪيو ويندو. هي ڳالهه به واضح ٿي سامهون آئي ته پاڪستان جي واڳ ڌڻين پهريان به عمران خان جي Absolutely not تي ناراضگي ظاهر ڪئي هئي ۽ هاڻ به هو چاهين ٿا ته آمريڪا سان فوجي توڙي سويلين لاڳاپا بهتر ٿين، ان حوالي سان سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه کي چيو ويو آهي ته اهو پاڪستان جي هم منصب سان ملاقات ڪري صورتحال کي اڳتي وڌائي.
عمران خان ۽ واڳ ڌڻين جي وچ ۾ ٽڪرا جو نئون تضاد سامهون آيو، پهريان اهم اداري جي سربراهه جي مقرري تي ڊيگهه ڏني وئي، ان کانپوءِ اهم اداري صبر کان ڪم ورتو ۽ ان مسئلي کي حل ته ڪيو ويو، پر اعتماد ڇيهون ڇيهون ٿي ويو، ائين لڳو پئي ڄڻ اهم اداري جي اندر نئين ضيا الدين بٽ کي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي وئي پر ناڪامي ٿي. عمران خان ايترو اعتبار جوڳو ناهي جو ڪو آفيسر هن جي ڏٽي ۾ اچي مهم جوئي جو حصو ٿئي. اڳ ۾ هي تاثر ڏنو ويو هو ته ممڪن آهي ته چئن سينيئرز مان هڪ مستقبل جو آرمي چيف ٿي وڃي پر هاڻ انهن جو تعداد پنج ٿي ويو آهي. جيڪڏهن چئن اهم آفيسرن کي سپرسيڊ ڪري مقرري ڪئي وئي ته ان جا اثر انتهائي خطرناڪ هوندا. اهم اداري جي موڊ کي ڏسي ڪري ائين لڳي ٿو ته اهي پنجين کي ايندڙ چيف لاءِ غور هيٺ نه آڻيندا ۽ اهو پنجون ۽ اهم کيڏاري اهم ريس مان ٻاهر ٿي ويندو. هاڻ جنهن آفيسر کي موسٽ سينيئر قرار ڏنو ويو آهي، اهو ئي موسٽ فيورٽ به هوندو. ان سان عمران خان جي سمورين “ڪوششن” تي پاڻي ڦيرجي ويو آهي.
ٽي ايل پي سان معاهدي، ان کانپوءِ لفظ بندش هٽائي، ان کي نئين زندگي ڏيڻ ۽ مک سياسي ڌارا ۾ آڻڻ جا بندوبست ٿي ويا آهن. پر هڪ طرف وفاقي ڪابينا جي ڪجهه وزيرن بندش هٽائڻ واري دستاويز تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ڳالهه ايستائين اڳتي وڌي وئي جو هڪ طرف پي ٽي آءِ ته ٻئي پاسي وري (ن) ليگ جي سينيئر قيادت خواهش ظاهر ڪئي آهي ته اهي ان تنظيم سان اليڪشني اتحاد ڪري سگهن ٿا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن سياسي پارٽين جي ڪيتري ميچوئرٽي آهي، اهي چاهين ٿيون ته اسٽريٽ پاور رکندڙ ان تنظيم کي پنهنجن صفن ۾ شامل رکجي، پر ان جو عالمي سطح تي جيڪو نوٽيس ورتو ويندو، ان کي شايد نظرانداز ڪيو ويو آهي. دنيا جو ڪوبه ملڪ نه چاهيندو ته اهڙي تنظيم سياسي ڌارا ۾ هجي، جيڪا انتها پسندي جي سرحدن کي ڇهندي هجي. ڪي حلقا اهو به چون ٿا ته ٽي ايل پي سان انڪري همدرديون ظاهر ڪيون پيون وڃن ته جيئن واڳ ڌڻين کي خوش ڪري سگهجي.
ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر حڪمرانن لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن، دي اڪنامسٽ مطابق دنيا جي 40 ملڪن ۾ پاڪستان مهانگائي جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي آهي. ترڪي سان گڏ ٻه ٻيا ملڪ شامل آهن، ان کانپوءِ پاڪستان اچي ٿو. حڪمرانن جون اهي دعوائون به غلط ٿي ويون آهن ته عالمي سطح تي مهانگائي جي لهر کان پاڪستان جي عوام کي بچايو ويو آهي. هي ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سڀني کان وڌيڪ مهانگائي پاڪستان ۾ آهي، جنهن جي شرح 9 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ايستائين جو بنگلاديش جي 4 کان 5 سيڪڙو آهي، مالديپ ۾ مهانگائي جي رفتار هڪ سيڪڙو آهي. تازو ئي حڪمرانن رات جي اونداهي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو آهي. ان دوران هي سوال به پڇيو ويو ته سعودي عرب اوڌر تي تيل ڏئي ٿو ۽ ان ٽي ارب ڊالر به ادا ڪيا، عالمي مالياتي فنڊ کان ملندڙ رقم جي باوجود مهانگائي ۾ گهٽتائي بدران اضافو ڇو آيو؟ عوام هي به پڇي ٿو ته جڏهن ملڪ ۾ رڳو 24 سيڪرو پيٽروليم شيون امپورٽ ڪيون وڃن ٿيون، ته 100 سيڪڙو پيٽرول جي شين جا اگهه ڪيئن وڌايا ويا. ملڪي پيٽرول کي مهانگو ڪيو ويو، ڇا اها واڌ عوام جي ڪمزور ڪلهن تي وڌيڪ ٻوجهه وجهڻ جي سازش ناهي؟
ملڪ جي تازي صورتحال ۽ Developments کي سامهون رکندي مخالف ڌر به لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ٻين ڌرين سان مشورو ڪيو ويو، هاڻ امڪان آهي ته شايد هڪ ڀيرو ٻيهر پي ڊي ايم سان گڏ پيپلز پارٽي به لانگ مارچ جو حصو ٿيندي. هن لانگ مارچ کي فيصلائتو قرار ڏنو پيو وڃي، ائين جيئن محترما بينظير ڀٽو جو لانگ مارچ شروع ٿيندي ئي نواز شريف جي حڪومت گهر ڀيڙي ٿي وئي، ساڳي انداز سان پ پ جي دور ۾ به نواز شريف جي لانگ مارچ شروع ٿيڻ سان گڏ ججز بحال ٿي ويا هئا. جيڪڏهن هي لانگ مارچ رڳو انڪري هوندو ته عمران خان کان ناراض واڳ ڌڻين کي خوش ڪرڻو آهي ۽ اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻو آهي ته ان جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. جيڪڏهن ان سان جمهوريت سگهاري ٿئي ٿي ۽ شفاف چونڊون ٿين ٿيون ۽ عوام جي راضپي سان حڪومت قائم ٿئي ٿي ته اها ملڪ جي ڪيترن ئي مسئلن خاص ڪري مهانگائي کي به منهن ڏئي سگهي ٿي. مخالف ڌر لاءِ هي امتحان هوندو ۽ واڳ ڌڻين لاءِ به سبق هوندو ته هو “سليڪٽيڊ” کان پاسو ڪندا. انڪري لانگ مارچ بامقصد هجڻ گهرجي، ته جيئن ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي. جنهن انداز سان اي ٽي ايمز کي پاليو پئي ويو، اها روش به ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن وڏا وڏا اسڪينڊل سامهون نه اچن ۽ عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو نه ٿئي ته جيئن ڪانڊيرو ۽ ڪرڙ به سک جو ساهه کڻي سگهن.