غير درجه بندي

ڪراچي ڪنگز فتح جي اڃ اجهائي ورتي، ملتان سلطانز کي شڪست

پي ايس ايل سيزن 8 جي اهم ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز وڏي جستجو بعد فتح جي اڃ اجهائي ورتي آهي ۽ سندس مقابلي ۾ ملتان سلطانز شڪست کائي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي ميچ دوران لاڳيتو شڪستن کي منهن ڏيندڙ ڪراچي ڪنگز 66 رنسن تان فتح ماڻي آهي. ڪراچي ڪنگز 3 وڪيٽن تي 167 رنسن ٺاهيون، جنهن ۾ طاهر طيب 65 ۽ واڊي 46 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اهڙي ريت جيمز ونس 27، شعيب ملڪ 10 ۽ عماد وسيم 14 رنسون ڪيون. ملتان سلطانز جي بالرن احسان الله 2 ۽ انور علي هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز جا بيٽر 168 رنسن جي هدف جي ڀيٽ ۾ 101 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، شان مسعود 25، محمد رضوان 29، انور علي 12 ۽ اساما مير 10 رنسون ٺاهيون، باقي 6 بيٽر سنگل ڊجيٽ تي محدود رهيا. ڪراچي جي شعيب ملڪ ۽ تبريز شمسي 3، 3 عماد ۽ عاقف 2،2 وڪيٽون وٺي ملتان کي سوڙهو ڪري شڪست کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button