
ڪولمبو: سريلنڪا جي وزيراعظم مهندر راجا پاڪسي جو وزير پُٽ نمل راجا پاڪسي سيالڪوٽ ۾ قتل ٿيندڙ فيڪٽري مينيجر پريانٿا ڪمارا جي ڪولمبو واري گهر پهتو. سريلنڪا جي نوجوانن ۽ اسپورٽس واري کاتي جي وزير نمل راجا پاڪسي پريانٿا ڪمارا جي گهر پهتو، جتي هن متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾مقتول فيڪٽري مينيجر جي گهرواري ۽ ٻه پُٽ به شامل هئا. سريلنڪا جي وزيراعظم جي پُٽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کان متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي.