عالمي

سريلنڪا ۾ استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم جي گهر کي باهه، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪولمبو: سريلنڪا ۾ جاري بدترين معاشي بحران ۽ ايمرجنسي دوران وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب سريلنڪن حڪومت جي اختيارين وزيراعظم طرفان استعيفيٰ پيش ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پنهنجي استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻئي طرف سريلنڪن صدر گوٽابايا راجاپڪسي جي حامين ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون آهن. ڪولمبو ۾ ٿيندڙ چڪرين دوران حڪمران پارٽي جي پارليامينٽ ميمبرن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته زخمين جو انگ 139 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڪولمبو ۾ چڪرين کان پوءِ اڻڄاڻايل مدي لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سريلنڪا ۾ جاري احتجاج ۾ شدت ايندي پئي وڃي ۽ چڪرين ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 190 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن  جنهن کانپو سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مظاهرين عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم راجا پاڪسي جي اباڻي گهر کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button