عالمي

نائيجيريا جي گرجا گهر ۾ ڀاڄ، 30 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ابوجا: نائيجيريا جي شهر پورٽ هارڪورٽ جي هڪ گرجا گهر ۾ هڪ تقريب دوران ڀاڄ پوڻ سبب 30 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. نائيجيريا جي سول ڊيفنس فورس جي ترجمان چيو ته فوت ٿيلن ۾ گھڻو انگ ٻارن جو آهي. هي واقعي مقامي پولو ڪلب ۾ ٿيو جتي ڀرسان واقع چرچ طرف خيراتي تحفا ورهائڻ واري تقريب جاري هئي. عطين جي ورهاست دوران شرڪت ڪندڙ بدنظمي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀاڄ پئجي وئي. ٻئي پاسي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته تحفا ورهائڻ جو عمل شروع نه ٿيو هو. هن چيو ته هڪ هجوم ڪلب جو دروازو ٽوڙي داخل ٿيو جنهن ڪري ڀاڄ پئجي وئي. پوليس ترجمان 31 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته هن واقعي کانپوءِ 7 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button