ملائيشيا ۾ عدالت اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق جي زال کي رشوت وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ملائيشيا جي اڳوڻي خاتون اول روسما منصور تي شمسي توانائي جي هڪ رٿا ۾ 4 ڪروڙ 30 لک ڊالر رشوت وٺڻ جا الزام لڳايا ويا هئا. ڪوالالمپور جي هاءِ ڪورٽ روسما منصور کي ڏوهي قرار ڏيندي 10 سال قيد ۽ 21 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ٻڌائي آهي. ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق کي ڪرپشن ڪيسن ۾ 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي خاتون اول جي درخواست تي منع نامي جو حڪم جاري ڪيو، جنهن سبب کيس فوري طور جيل نه موڪليو ويندو، روسما منصور ها ڪورٽ جي فيصلي خلاف اعليٰ عدالت ۾ اپيل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عدالتي فيصلي تي ڏاڍي مايوس آهيان، مون کي ڪنهن به پئسا وٺندي ناهي ڏٺو، مونکي ته پئسا ڳڻڻ به نه ايندا آهن، ان باوجود سزا ڏني وئي آهي، آئون پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيان ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close