عالمي

مسجد نبوي صه واقعي تي گرفتار پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان مسجد نبوي صه ۾ هنگامو ڪرڻ جي ڪيس ۾ سزا ٻڌايل سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سعودي ولي عهد کي وزيراعظَم شهباز شريف گرفتار پاڪستانين جي آزادي ۽ درگذر کان ڪم وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن بعد شهزادي محمد بن سلمان سڀني پاڪستاني قيدين جي آزادي جو حڪم ڏنو. مديني منوره جي عدالت ٽن پاڪستانين کي مسجد نبوي صه ۾ هنگامو ڪرڻ تي ٽن 8 سال ۽ ٽن کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۾ اپريل جي مهيني ۾ پيش آيل واقعي ۾ گرفتار ڪيل پاڪستانين جي آزادي جو حڪم ڏيڻ تي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته هو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا مڃي ٿو جنهن سندس درخواست تي گرفتار پاڪستانين جي آزادي جو حڪم ڏنو. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته اسان کي هڪ ٻئي جي غلطين تي درگذر ڪندڙن سٺو مسلمان بڻائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button