عالمي

ڀارت ۾ جاڙين ڀينرن هڪ ئي همراهه سان شادي ڪري ڇڏي،ڪيس داخل

ڀارتي رياست مهاراشٽر ۾ ٻن جاڙين ڀينرن هڪ ئي شخص سان شادي ڪري ورتي، جنهن کي غير قانوني قرار ڏيڻ لا ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. سولاپور ضلعي ۾ رهندڙ ڀينرون رنڪي ۽ پنڪي ننڍپڻ کان گڏ هجڻ ڪري شادي کانپو به گڏ ئي رهڻ چاهين ٿيون، ٻئي ڀينرون انفارميشن ٽيڪنالاجي (آ ٽي) ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ ٻنهي ننڍپڻ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو ته هڪ ئي مرد سان شادي ڪنديون، ته جيئن ساڳئي گهر ۾ وڃن ۽ کين هڪٻئي کان ڌار نه ٿيڻو پوي. ڀارتي ميڊيا مطابق رنڪي ۽ پنجي جو گڏيل مڙس اتل ٽريول ايجنسي جو ڪاروبار ڪندو آهي، ٻئي طرف ٻن جاڙين ڀينرن جي ساڳئي مرد سان شادي تڪرار بڻجي وئي آهي، شادي جي وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد هڪ شهري قانون جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ رنڪي، پنڪي ۽ سندن مڙس خلاف پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي قانون مطابق اهڙي شادي ڏوهه آهي، قانون مطابق جيستائين هڪ جيون ساٿي زنده آهي تيستائين ٻي شادي نٿي ڪري سگهجي، ٻي شادي ڪرڻ تي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا اچي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button