عام آدمي پارٽي جي اميدوار شيلي اوبراءِ نئين دهلي جي ميئر چونڊجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب عام آدمي پارٽي جي اميدوار شيلي اوبراءِ بنا مقابلي ۽ يڪرا طور ميونسپل ڪارپوريشن دهلي جي ميئر چونڊجي وئي. شيلي اوبراءِ جي مقابلي ۾ بي جي پي جي اميدوار شيکا راءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب نئين دهلي جي ڊپٽي ميئر لاءِ به بي جي پي اميدوار پنهنجي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن. ميونسپل ڪارپوريشن دهلي جي ميئر لاءِ اليڪشن 26 اپريل تي ٿي جنهن ۾ شيکا راءِ ۽ شيلي اوبراءِ وچ ۾ سڌي ريت مقابلو هو پر شيکار راءِ جي هٿ کڻڻ کان پوءِ شيلي ميئر چونڊجي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب عام آدمي پارٽِي هن وقت نئين دهلي جي حڪمران جماعت آهي جنهن جو سربراهه اروند ڪجريوال هن وقت نئين دهلي جو وڏو وزير آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close